ميرپورماٿيلو(رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن ڳوٺ بکر خان ڪولاچي ڀرسان جهنگ ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري رائونتي واسي محمد عيسيٰ تڙت کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، علائقي واسين مقتول جو لاش ڏسي ٻيلو ميرپور پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪنهن سان دشمني ناهي، قتل جي ڪارڻ جي خبر ناهي پئجي سگهي، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقع جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.