ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، تحريڪ انصاف جا 18 ڪارڪن گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 18 ڪارڪنن کي گرفتار  ڪري ورتو، پوليس اهلڪارن تي تشدد ۽ سرڪاري گاڏين ۾ ڀڃ ڊاهه جو الزام آهي. ايس ايس پي ڏکڻ ضلعي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي فيريئر  ٿاڻي تي داخل ڪيس تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن 3  تلوار ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي دوران پوليس سان چڪريون ٿيون هيون، جنهن ۾ ايس ايڇ او بوٽ بيسن ۽ عورت پوليس اهلڪار سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي دهشتگردي سميت ٻيا قلم هڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.