صحت واري سيڪريٽري جو نگران وزير خلاف چيف سيڪريٽري کي خط

ڪراچي (رپورٽر ) صحت واري سيڪريٽري جو سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط، نگران صحت جي وزير جي خط کي بي بنياد قرار ڏنو،  صحت  جي سيڪريٽري مطابق نگران صحت واري وزير گمبٽ انسيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جيڪب آباد انسيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو آڊٽ ڪرائڻ چاهي  پيا، سيڪريٽري صحت جي خط ۾ وڌيڪ چيو  ويو ته سنڌ انسيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ اينڊ واسڪوپي اينڊ گيسٽرو ايڪٽرولوجي جو آڊٽ ڪرائڻ تي نگران وزير سعد نياز ڪاوڙجي پيو، ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي اداري جو آڊٽ  آرڊر واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽڙ سعد نياز پنهنجي اداري کان سواءِ سمورن ادارن جو آڊٽ ڪرائڻ چاهي پيو، نگران صحت وارو وزير ورلڊ بينڪ تحت پروگرام لاءِ نئين ڀرتي ڪميٽي ۾چيئرپرسن بڻجڻ چاهي پيو، خط مطابق ورلڊ بينڪ پراجيڪٽ جي اميدوارن  کي شارٽ لسٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت جي وڏي وزير چيئرمين پي ايس سي  کي سربراهه بڻايو هو، سعد نياز مون تي دٻاءُ وڌو ته هو ان  کي رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين بڻائي هيلٿ انشورنس تي نگران صحت جي وزير قانوي جواز ڇڏي ليٽر آف انٽيٽن جاري ڪرڻ لاءِ چيو ته نگران وزير پنهنجي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ  ميڊيا کي استعمال ڪيو ۽ الزام مڙهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.