عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر انصاف ناهي مليو: دعا خاصخيلي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد, ۾ تانيا خاصخيلي قتل ڪيس ۾  جوابدارن کي گهٽ سزا ملڻ خلاف مقتولڻ  جي ڀيڻ دعا خاصخيلي پاران داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي، شنوائي تي دعا خاصخيلي پنھنجي وڪيل غلام فاروق عباسي سميت پيش ٿي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، دعا خاصخيلي عدالت ۾ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ھو ته 7 سال اڳ خان محمد عرف خانو نوحاڻي ساٿين سان گڏجي ڀيڻ کي قتل ڪيو، 6 سالن تائين عدالت جا چڪر ڪاٽيا پر اڃا تائين مڪمل انصاف نه مليو آهي، قتل ڪيس ۾ ٽيون جوابدار مولابخش اڃا تائين روپوش آهي، پٽيشن ۾ دعا خاصخيلي طرفان خانو نوحاڻي جي عمر قيد واري سزا کي ڦاهي ۾ تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، واضع رھي ته سيوهڻ جي عدالت تانيا قتل ڪيس ۾ مک جوابدار خان محمد نوحاڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ ٻئي جوابدار کي بري ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.