عدالت بغاوت ڪيس ۾ گرفتار 12 قوم پرست ڪارڪنن کي بري ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم دھشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي  تي 2022ع ۾ داخل بغاوت جي ڪيس ۾ 12 قوم پرست ڪارڪنن کي بري ڪري ڇڏيو ۽ سالگرهه جي موقعي تي ھلندڙ مھيني جي 26 جنوري 2024ع تي داخل ڪيس ۾ چئن ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. 2022ع ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي قوم پرست ڪارڪنن تي ڇڇر ٿاڻي تي داخل ڪيل بغاوت واري ڪيس ۾ حيدرآباد جي دھشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت، 12 قوم پرست ڪارڪنن سارنگ جويو، سھڻي جويو، سسئي لوھار، محفوظ نوتڪاڻي، باغي جي ايم، وقار پنھور، شرجيل ٽڳڙ، وزير ڪلھوڙو، زاھد ڪيريو، پيار علي مشوري، نور شاهه، لياقت انصاري، سرور برفت، آصف انڙ کي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ساڳي عدالت ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي سن ايٽ ڇڇر ٿاڻي تي 26 جنوري 2024ع تي داخل ڪيل بغاوت ڪيس ۾ محفوظ نوتڪاڻي، سارنگ ۽ سھڻي جويو ۽ امير حسين ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي ھئي، ڪالھه درخواست جي ٻڌڻي تي عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد چئني جي 10، 10 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪئي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.