ڪير پراسرار آهي جيڪو ملڪ هلائي رهيو آهي، ڪو به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: چيف جسٽس

 اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان صحافين خلاف نوٽيسن تي  ڪارروائي عام چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي خاطري بعد ڪيس جي ٻڌڻي مارچ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ صحافين کي هيسائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس  جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  رمارڪس ڏنا ته ڪير پراسرار آهي جيڪو ملڪ هلائي رهيو آهي، مسئلو اهو آهي ته ڪير به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون واضح آهي جيستائين ججز ڪميٽيءَ ۾ معاملو نه هلايو ويندو عدالت ڪو حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيو ته پهريان عدالت ۾ درخواست وٺي ڪارروائي ڪئي هئي هاڻي قانون موجب سسٽم بڻجي چڪو آهي، ڪميٽي کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهن. چيف جسٽس سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن عدالت اهڙا پاڻمرادو نوٽيس وٺي تڏهن به صحافي اعتراض ڪندا اهو ٻڌايو ته وڌيڪ ڪيس کي اڳتي ڪيئن وڌائبو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن سندس سامهون آهي نه ئي ڪنهن نوٽيس جي ڪاپي، لسٽ ملي يا نه، جن کي نوٽيس مليا اهي جواب جمع ڪرائين ها. جسٽس محمد علي مظهر وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ ڪوئي قانون ناهي، جيڪو قانون آهي اهو رڳو فوجداري ڪارروائي لاءِ آهي، يوٽيوب تي ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون لاڳو ٿيندو آهي ڪو ريگيوليٽري قانون ناهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالت قانون جي تشريح ڪري سگهي ٿي، جڏهن قانون ئي ناهي ته ڇا ڪجي؟ عدالت رڳو اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ويهڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته کين تنقيد سان ڪوبه فرق نه پوندو، ڇو ته هو آئين ۽ قانون موجب هلندا آهن، سچ انسان کي آزاد ڪندو آهي، سچ ته هر پاسي کان غائب ٿي چڪو آهي، ڇا صحافي ڪوڙي رپورٽ ڪري سگهي ٿو؟. اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته صحافين خلاف ايف آءِ اي نوٽيسن تي چونڊن کانپوءِ ٽيڪ اپ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.