اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ ان جي گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ بشريٰ بي بي جو 342 جو بيان قلمبند ڪري ورتو، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 25 سوالن تي ٻڌل سوال نامو ڏنو ويو هو، ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن تي ان جو جيل اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو ويو.