عمران کي سزا: وڪيٽ ڪيپر نظرانداز ڪرڻ جو نتيجو

ڪراچي(تجزيو: حاڪم نصيراڻي)آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت خصوصي  عدالت باني پ ٽي آءِ عمران خان ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي کي ڏه ڏه سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، اقتدار جي برطرفي کان وٺي سزا واري ڏينهن تائين عمران خان جي رويي کي ڏسجي ته خان صاحب هميشه فرنٽ فوٽ تي نڪري کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر  کيس اها ڳالھ ڀلي وئي ته وڪيٽن جي پويان ڪيپر به بيٺل آھي، جيڪو اسٽمپ ڪرڻ ۾  دير نه ڪندو۔ بهرالحال خان صاحب جي سياسي اننگز جي پڄاڻي ٿي وئي آھي جلسي ۾ ڏيکاريل ڪاغذ ۽ وڊيو بيان ۾ سائفر جي گم ٿيڻ جي تصديق سندس ڳچي ۾ پئجي وئي، اليڪشن کان ڪجھ ڏينهن اڳ سائفر جو فيصلو اچڻ پي ٽي آءِ جي سياست لاءِ سٺو سنوڻ ناهي۔.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.