بلوچستان:مڇ ۾ڪولپور ڪمپليڪس تي حملو، 4 جوان ۽ 2 شهري شهيد

مڇ(م ڊ) گذريل رات عليحدگي پسندن جي هٿياربند حملي کانپوءِ مڇ ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي. رپورٽن مطابق عليحدگي پسندن طرفان مڇ ۽ بولان سميت 5 مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ويا،عليحدگي آپريشن دارا بولان تحت گذريل پندرهن ڪلاڪن کان مڇ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تي مڪمل طور تي قبضو ڪري ورتو آهي. حملن کانپوءِ ڪوئيٽا کان ريل سروس معطل ٿي وئي آهي، ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ۽ بولان ميل، ڪوئيٽا ويندڙ ٽرينن کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو،گذريل رات عليحدگي پسندن طرفان راڪيٽ فائر ڪيا ويا. جيل جي مين گيٽ ۽ بائونڊري وال تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سرڪاري ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 2 عليحدگي پسند مارجي ويا.جڏهن ته مڇ، ڪولپور، بولان فائرنگ ۾ هينئر تائين 13 زخمين کي ٽراما سينٽر ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. ايم ڊي ٽراما سينٽر ڪوئيٽا ڊاڪٽر ارباب ڪامران موجب ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سيڪريٽري صحت بلوچستان مڇ ،ڪوئيٽا جي ٽراما سينٽر سميت سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي،هوڏانهن بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ گذريل رات دهشتگردن جي ٽن حملن کي ناڪام بڻائيندي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.جان اچڪزئي وڌيڪ ٻڌايو ته ”را“ سان تعلق رکندڙ حملي آورن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ کانپوءِ مڇ ۾ حتمي ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ علائقي ۾ صورتحال مستحڪم ٿي وئي آهي،ٻئي پاسي بولان ۾ پنجره پل ويجهو ٽن ڄڻن جا لاش مليا آهن، هڪ لاش جي تصديق عبدالمجيد ولد بشير احمد طور ٿي جيڪو ڊيرا غازي خان جو رهواسي هو، پوري علائقي ۾ انٽرنيٽ جي سروس معطل ۽ موبائل فون سروس انتهائي ڪمزور سگنل آهن، روڊ بند هئڻ ڪري هزارين گاڏيون بولان ويئر ڍاڍر،سبي شاهراهن تي قطارن ۾ بيٺل آهن،هوڏانهن آءِ ايس پي آر مطابق مڇ ڪولپور ڪمپليڪس تي خودڪش بمبارن سميت دهشتگردن حملو ڪيو،فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، دهشتگردن جي حملي ۾ 2 معصوم شهري به شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق ڪولپور ڪمپليڪس تي حملو 29 ۽ 30 جنوري جي وچ واري رات ڪيو ويو، دهشتگردن جي حملي تي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي فوري متحرڪ ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو موثر جواب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انهن جي بي لوث عزم جو ثبوت آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.