ڀائو زلف جو ٽيجهو، قلم ۽ ساڃاهه ڌڻين پاران ڀيٽا

ڪراچي، ڏوڪري (رپورٽر+ ڊر) ترقي پسند، جاکوڙي صحافي ذلف پيرزادي جو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ٽيجهو ٿي گذريو. ٽيجهي ۾  قومپرست اڳواڻ دودوديشي, حيدرآباد جي صحافين لالا رحمان سمون,روزاني سنڌو اخبار  جي ايڊيٽر خالد کوکر,  اسحاق مڱريو, طفر ابڙو,ياسر منگي, گل محمد ملاح, قاضي آفتاب, سهيل ڪولاچي, قادر جتوئي, بشير بروهي, هريش ڪمار, نادر ابڙو, مرتضي ڪلهوڙو, علي رضا نوناري, صحافين علي گل مغيري, وحيد علي, صحافي جاويد جوڻيجو, صحافي جاويد ميمڻ، جميل شيخ, هيمون ڀٽي, نثار کوکر ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم صحافي زلف پيرزادو جي لاء دعا گهري وئي ۽  ڀائرن سليم پيرزادو، سهيل پيرزادو سميت پونئيرن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو. ٽيجهو جي موقعي تي جسقپ جي اڳواڻ دودو ديشي, علي گل انقلابي, صحافين  ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌي صحافت جي دنيا ۾ ذلف پيرزادو هڪ منفرد ۽ سچو ماڻهو هو جنهن قلمي پورهيو ايمانداري ، جرئتمندي سان ڪيو. هن چيو ته زلف پيرزادو زندگي جو ڳچ عرصو صحافت کي ارپيو جنهن سبب سندس دوست چاهيندڙ توڙي ساٿي احترامن ڀائو ذلف ڪري سڏيندا هئا، ذلف پيرزادي جو وڇوڙو صحافتي دنيا خاص طور سنڌي صحافت ۾ هڪ وڏو خال پئدا ڪري ويو. ڪراچي ۾ به ٽيجهي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ سينئر صحافي مهيش ڪمار، عبدالله سروهي، روزاني عوامي آواز جي اسسٽنٽ ايڊيٽر زرار پيرزادو، نيوز ايڊيٽر مدثر سنگراسي، سارنگ زين، الطاف پيرزادو، رزاق عاصي، محسن خاصخيلي، عنايت پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، گل بهار گاڏهي،علي گل سومرو، شاهه رخ سنديلو، عديل ڀٽو، سرمد عدل سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.