آرٽيڪل 63،62 ۾ ترميم جي اجازت نه ڏينداسين: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سابق حڪمران پارٽين  جي ايجنڊا ملڪ کي اسلامي سڃاڻپ ختم ڪري ان کي سيڪيولر رياست بڻائڻ آهي. آئين جي آرٽيڪل نمبر 62.63 کي ختم جو انهن جو واعدو خواب ئي ٿي ويو. ن ليگ جي منشور جون ٻيون پارٽيون به حمايت ڪن ٿيون. هي پارٽيون يورپي يونين ۽ آمريڪا کي خوش ڪرڻ چاهين ٿيون هن چيو ته جماعت اسلامي پوري طاقت سان پنهنجي آئين جي اسلامي شقن جو دفاع ڪندي. آئين جي آرٽيڪل نمبر 62.63 ۾ ترميم جي اجازت نه ڏينداسين. آئين ٽوڙڻ نه پر حڪمران پنهنجو منهن صاف ڪن ايوان ۾ ايماندار ۽ ڪردار جي صاف ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ جماعت اسلامي ئي پوري ملڪ ۾ پنهجي اميدوارن جو انتخاب ايمانداري ۽ سٺن ماڻهن جو ڪيو آهي نه ڪي پئسا وٺي صرف ميرٽ ڪئي آهي. 8فيبروري تي تاراجي تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪيو. اسان انهن کي ڪرپشن کان پاڪ ملڪ ڏينداسين خوشحال پاڪستان ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن دير پائين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.