بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوھٽي، شھيد بي نظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جي بدين پھچڻ تي شاندار استقبال، سوين ماڻهو آصفه جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا، پيپلزپارٽي اميدوارن جي ورڪ لاءِ شھيد راڻي جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري بدين پهتي، جلوس جي شڪل ۾ آصفه ڀٽو پھرين ڊي سي چوڪ پھتي ،جتي پڻ مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي، آصفه ڀٽو ھزارين ماڻھن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي مزدور، ھاري ۽ يوٿ ڪارڊ ڏينداسين، عوام کي بجلي جي 300 يونٽ تائين مفت بجلي ڏينداسين، پگھارون ٻيڻ تي ڪنداسين، نوجوانن کي روزگار ڏينداسين ، اڳ ڪم ٿيا ھئا ۽ ھاڻ عوام جا ڪم ڪنداسين، عوام کي روٽي، ڪپڙو، مڪان ڏينداسين، ھن چيو ته اوھان اسان جا آھيو ، اسان اوھان جا آھيون، ھن عوام کي نعرا ھڻائيندي چيو ته ھاڻ جي ڊي اي جي نه ھلندي، جي ڊي نه کپي تير کپي تير کپي، 8 فيبروري تي حاجي رسول بخش کي ووٽ ڏجو ،تير تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪجو ته جيئن بلاول ڀٽو وزير اعظم ٿئي.