جج جي تڪڙ ۾ ڪيل فيصلي تي سوال اٿڻ لڳا

اسلام آباد(م ڊ)ڊي ڊبليو مطابق سائفر ڪيس جو فيصلو ۽ عدالتي ڪارروائي ڪيترن ئي حلقن ۾ بحث هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته جهڙي طرح عدالتي ڪارروائي هلائي وئي اها قانوني  طور تي انتهائي ڪمزور آهي، جنهن تيزي سان ان ڪيس کي هلايو ويو  ان تي به ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي خاص عدالت لاءِ روزاني بنياد تي بڌڻي، تڪڙ ۾ فيصلو ڏيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي،انساني حقن جي اڳواڻ اسد بٽ چيو ته اهو فيصلو سياستدانن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، ان فيصلي سان اسٽيبلشمينٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته انهيءَ وٽ طاقت ۽ اختيار آهي، اها جڏهن چاهي جنهن کي چاهي ڪنهن به طريقي سان نه رڳو اقتدار مان ڪڍي سگهي ٿي بلڪه سزا ڏئي ان جو سياسي مستقبل به ختم ڪري سگهي ٿي،قومي اسيمبلي جي اڳوڻي عورت ميمبر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته چونڊيل وزيراعظمن جي سرن تي اڳ ئي غيريقيني جي تلوار لٽڪيل رهندي آهي، هاڻي اسٽيبلشمينٽ ان فيصلي کي عدالتي مثال طور چونڊيل نمائندن خلاف استعمال ڪندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.