اسلام آباد (م ڊ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجا بندي ۾ ڪيئي سال بعد واضح بهتري اچي وئي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن پريسيپشن انڊيڪس 2023ع جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پاڪستان 140هين مان 133 نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته ڪرپشن انڊيڪس 2 پوانٽ وڌي، 27 کان 29 ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ پي ڊي ايم حڪومت دور جو احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران ڪرپشن ۾ ڪمي لاءِ ڪيل پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي وئي آهي.