پ پ پي ٽي آءِ اميدوارن جي حمايت سان وفاق ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو+ سٽي رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کھڙو چيو آھي ته پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ جي کٽي ايندڙ آزاد اميدوارن  جي حمايت سان وفاق ۾ حڪومت ٺاھي سگھي ٿي ۽ آئيني طور اھو عمل ھارس ٽريڊنگ يا فلور ڪراسنگ جي ذمري ۾ نه ايندو، اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالهھ نواب سردار خان چانڊيو جي رھائشگاهه تي آزاد اميدوار نياز چانڊيو جي حمايت حاصل ڪرڻ جي موقعي تي ڳالھائيندي ڪيو،ان موقعي تي  پي ايس 15 ميروخان تي آزاد اميدوار نياز چانڊيو ،ليلا کھاوڙ ۽ ڪامران ڳورڙ پيپلز پارٽي اميدوار صوبائي صدر نثار کھڙو جي حق ۾ رٽائر ٿي ويا ۽ آزاد اميدوارن پاران پي ايس 15 تي پيپلز پارٽي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو، نثار کھڙو سندس حق ۾ رٽاير  ٿيندڙ اميدوارن جو شڪريو ادا ڪيو۔ھن چيو ته پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار ڪامياب ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ کانسوا3 ٻين جماعتن ۾ شامل ٿي سگھن ٿا پر پي ٽي آءِ ۾ واپس نه ٿا وڃي سگھن، ھن چيو ته اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) ذريعي نواز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ نتيجن کي مينيج ڪيو ويو ته اھو عمل عوام قبول نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.