ڪنڌڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ جي ڀنر واري علائقي پوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ جي حد ۾ کوھ کان پي پي ايل گيس فيلڊ ويندڙ16 انچ قطر جي گيس پائيپ لائين زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، گيس وڏي مقدار ۾ خارج ٿيڻ لڳي انتظاميا ذريعن جو چوڻ آهي ته گيس پريشر سبب پائيپ لائين ڦاٽي آهي وڌيڪ جاچ لاءِ سڀاڻي ٽيم پھچندي جنهن بعد خبر پوندي ته واقعو پريشر سبب پيش آيو يا تخريبڪاري آهي،