گهوٽڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، ڌاڙيلن وڊيو جاري ڪري ڇڏي، قتل جي ڌمڪي

گهوٽڪي(رپورٽ: اقبال آزاد) گهوٽڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، ڌاڙيلن پاران مغوين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، پوليس پاران گرفتار ڪيل ڳوٺاڻو آزاد نه ڪرڻ جي  صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي، گهوٽڪي ڀرسان ڪچوٻنڊي ٿاڻي جي حد مان 3 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، اغوا ڪيلن ۾ ڳوٺ جمال شاهه واسي سرفراز شاهه ولد اشرف شاهه، حبيب الله ولد پٺاڻ ميراڻي ۽ ڳوٺ بهادر خان سنگهڙ واسي عبدالوحيد سنگهڙ شامل آهن، ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيلن جي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، جنهن ۾ هٿ ۾ ڪلاشنڪوف کڻي بيٺل ڌاڙيل ڌمڪي ڏئي ٿو ته ايس ايس پي منهنجي ڀاءُ الطاف کي ناحق کڻي ويو آهي، جيڪڏهن کيس آزاد نه ڪيو ويو ته مغوين کي قتل ڪري ڇڏينداسين، وڊيو ۾ مغوين پاران به ايس ايس پي کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڌاڙيلن جو مطالبو تسليم ڪندي سندن گرفتار ڪيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.