راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مڇ ۽ ڪولپور ڪامپليڪس تي حملي ۾ 3 آپگهاتي بمبارن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مڇ ۽ ڪولپور ڪامپليڪس تي حملو 29 ۽ 30 جنوري جي وچين رات ڪيو ويو.
دهشتگردن جي حملي تي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي فوري طور متحرڪ ڪيو ويو ۽ فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 آپگهاتي بمبارن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته حملي ۾ ٻه معصوم شهري به شهيد ٿيا.
Prev Post
You might also like