سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سن واسي معزز شخصيت ۽ سيد امير حيدر شاه جي پٽ سيد علي رضا شاهه سيوهڻ پھچي پي ايس 77 سيوھڻ تي پيپلزپارٽي جي اميدوار ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ھن اھڙو اعلان ڪالھ سيوھڻ ۾ سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته 2018 جي اليڪشن ۾ ڪجهه ذاتي مجبورين سبب پ پ ۾ اچڻ بعد خاموشي اختيار ڪئي ھئي ھاڻي سلسلو اڳتي وڌائيندي پ پ ۾ شامل ٿي رھيو آهيان مون ان دوران ڪابه ٻي پارٽي جوائن نه ڪئي ھئي ۽ ھاڻي پ پ سان تعلق نڀائيندس. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن جو دور ۾ سٺي خبر ملي آهي ته سيد علي رضا شاهه اسان سان گڏ ويٺو آهي کيس ڀليڪار چوان ٿو، سن جي سيد جي پ پ ۾ اچڻ سان اليڪشن تي ڪافي سٺو اثر پوندو جيڪو 8 فيبروري تي فرق سامهون اچي ويندو، ھڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي قتل ۾ پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ملوث ناھن، ان الزام کي رد ڪريان ٿو پيپلزپارٽي دھشتگردي خلاف آهي اھي ڪم ڪنهن وچ واري ماڻهن جا آهن جيڪي اليڪشن ۾ رنڊڪ وجھڻ چاھين ٿا، قتل جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي ۽ پوليس کي ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ گھرجي، نوازشريف کي پاڻ يقين ڪونهي ته ھو پنهنجي منشور تي عمل ڪري سگھندو يا نه ؟ نوازشريف جيڪي واعدا ڪندو آهي اھي پورا ناهي ڪندو.