ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ سنڌ تي قبضو ڪري چڪي آھي، انھن جي وڏن پاڪستان ورھايو ھو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي، سھراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني ۽ ناظم آباد ۾ اسانجي ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو، ڊاڪٽر عاصم جي چوڻ تي ھٿياربندن اچي حملو ڪيو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ھر ڀيري ايم ڪيو ايم جي مرڻ واري ڪارڪنن کي ئي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو، اسانجي ڪارڪنن جھنڊا لاھڻ کان روڪيو ته انھن تي حملي لاءِ ھٿياربند پھتا، پوليس اتي موجود ھئي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته هيل تائين اسان جا 6 ڪارڪن مارجي چڪا آهن، اسان چاهيون ته اڌ ڪلاڪ اندر گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.