اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ڪوهستان جي علائقي ۾ عورتن جي چونڊ مهم هلائڻ تي پابندي جي اطلاعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪوهستان اپر رپورٽ ۾ معاملو غلط فهمي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪنهن به عورت کي چونڊ مهم هلائڻ يا ووٽ وجهڻ کان روڪڻ تي تڪ ۾ چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿي.