سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻن ورهين جي ٻار سميت 5 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ، عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار جو چوڻ هو ته وقار بهادر 9 سالن کان گم آهي، 35 جي آءِ ٽي ٿي چڪيون آهن، هڪ گم ٿيل ٻارڙي جي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سمير شير شاهه وٽان ٻن سالن جو ٻارڙو گم ٿي ويو هو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٻارڙي جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.جاچ آفيسر چيو ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پبلڪ پراسڪيوٽر چيو ته ڪيس ۾ گم ٿيل شهري بلال کي گرفتار ڪيو ويو.

گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين بابت ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بئنچ ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تي پابندي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، وڪيل فروغ نسيم پنهنجي موقف ۾ چيو ته سيسي کاتي ۾ وڏيون بي قاعدگيون ٿيون آهن، ڪو به ٽيسٽ ناھي ورتو ويو ۽ نه ئي ڪو قانوني طريقو اختيار ڪيو ويو آھي، اهڙا شاھد موجود آهن، حڪومت ويندي ويندي نوڪريون ڏنيون، ھنن سنڌ ۽ سنڌين تي ظلم ڪيو آهي،مونکي اسلام آباد وڃڻو آهي، تاريخ ڏني وڃي، عدالت فروغ نسيم کي ايندڙ ٻڌڻي وڌيڪ دليل ڏيڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس/ وڊيو لنڪ ڪانفرنس ۾ 2024ع جي عام چونڊن جي موقعي تي پوليس جي سڪيورٽي قدمن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ويو، بريفنگز ذريعي آفيسرن علائقن جو دورو ڪيو ۽ مجموعي سڪيورٽي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مقرري جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، آءِ جي سنڌ چيو ته ضلعي، زونن ۽ ضلعن جي حوالي سان تجويز ڪيل اليڪشن هوم ورڪ کي حتمي شڪل ڏئي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان کي موثر ۽ غير معمولي بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان گذريل چونڊن جي واقعن کي به سامهون آندو وڃي.

زال تي تشدد جو الزام، خانگي ٽي وي جو اينڪر معطل

ڪراچي (م ڊ) خانگي ٽي وي چينل اي آر وائي نيوز ميزبان اشفاق اسحاق کي گهريلو تشدد جي الزام بعد معطل ڪري ڇڏيو.اشفاق اسحاق تي سندس ٻي زال نوميڪا پاران تشدد ۽ قتل جو الزام لڳايو ويو هو. عورت سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته مڙس کيس ماءُ جي گهران ماريندو ۽ ڪٽيندو وٺي آيو، ڪيترن ئي ڏينهن تائين بک ۽ اڃ تي رکيو ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽي وي چينل انتظاميا طرفان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميزبان تي تشدد جا الزام سامهون اچڻ کانپوءِ کيس معطل ڪيو پيو وڃي ۽ هو قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ ۽ اصل حقيقتون سامهون اچڻ تائين معطل رهندو. انتظاميا موجب چينل جي ڪم واري هنڌ سميت گهريلو تشدد جي حوالي سان زيرو تشدد واري پاليسي آهي ۽ اهڙي ڪنهن به واقعي کي سختي سان ورتو ويندو آهي. واضح ڪيو ويو ته اشفاق اسحاق تشدد جي الزام جو معاملو مڪمل طور حل ٿيڻ تائين معطل رهندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ سروس بند نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن  لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي غير مجاز بندش  خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي اي ۽ ٻين کي بنا دير انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ادارن پاران موبائل انٽرنيٽ سروس جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي  پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان جي به انٽرنيٽ بند ٿي ويندي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سمنڊ ۾ انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي ٿي آهي، عدالت کان پي ٽي اي ۽ وفاقي حڪومت لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي،

وڪيل جبران ناصر چيو ته گذريل سال مئي ۾ 3 ڏينهن لاءِ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي هئي،پڇاڻو ڪيو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي، چيف جسٽس سنڌ چيو ته هو ته چوندا ته انٽرنيٽ اسان جي مرضيءَ سان بند ڪئي وئي يا چوندا ٽيڪنيڪل خرابي هئي، پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آهن ان ڪري  انٽرنيٽ تي سخت رش جي ڪارڻ سروس سست ٿي وڃي ٿي، عدالت 6 فيبروري تي پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.