وڳڻ ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف شهري سراپا احتجاج، سيپڪو انتظاميا خلاف نعريبازي

وڳڻ (ن ع آ ) وڳڻ ۾ سيپڪو وارھه پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسيئشن جي سڏ  تي مزدورن، شهرين توڙي دڪاندان پاران وڳڻ مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو،  جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري سيٺ نواب علي تنيو، سيٺ گل حسن مغيري، نادر مغيري، طاهر تنيو،  رميش لال، الطاف راجپوت، معشوق ڦلپوٽو، درشن لال ۽ ٻين چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب رائيس مل تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ واپارين کي نقصان ٿي رهيو آهي. لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ايس ڊي او وارھه ھٿرادو فالٽ ڄاڻائي بجلي بند ڪري ٿو، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري زندگي غذاب بڻائي وئي آهي. هنن نگران وزير اعظم ۽ ايم ڊي واپڊا کي اپيل ڪئي ته سيپڪو وارھه تي مقرر عملي کي هٽائي ايماندار ايس ڊي او مقرر ڪري لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ھوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او وارھ فيصل نديم شيخ چيو ته بجلي جو مسئلو مٿان کان آهي پاڻي گهٽ ھجڻ ڪري فراهمي ۾ سستي ٿي رهي آهي اسان مٿين اختيارين سان ڳالهائيو آهي جيڪو مسئلو آهي حل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.