جيڪڏهن ڏهن ڏينهن ۾ ائين ٿيڻو آهي ته ٻڌايو وڃي: خالد مقبول

ڪراچي (رپورٽر ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان جي آفيس تي حملو ڪيو ويو، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ نگران حڪومت جي ذميواري هئي، جيڪڏهن ڏهن ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيڻو آهي ته اسان کي ٻڌائي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جو عوام پنهنجي ئي ماڻهن کي ووٽ ڏيندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي اسان جي ساٿين جي شهادت جو جواز پيش ڪيو آهي، پوليس کان حساب جو مطالبو ڪنداسين، پوليس خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي. خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته پوليس ظلم ۾ برابر جي شريڪ آهي، صبر جو دامن هٿن مان نه وڃڻ ڏيو، شهر جو امن خراب ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.