سنڌ ۾ روزانو سوين ماڻهو ڪتن جي حملن جو شڪار، ويڪسين غائب، عدالت طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ڪتن جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين جي کوٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، اينٽي ريبيز پروگرام سنڌ ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کان 10 فيبروري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواستگذار وڪيل طارق منصور چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هر روز سوين ماڻهو ڪتن جي چڪ جو شڪار ٿين ٿا، ڪراچي سميت سنڌ جي 32 ضلعن جي 432 اسپتالن ۾ ويڪسين موجود ناهي، وڪيل  طارق منصور جو چوڻ هو ته هر روز 150 سئو کان وڌيڪ ماڻهو جناح ۽ سول اسپتال ۾ ڪتن جي حملن جو شڪار ٿي اچن ٿا، ڪراچي ۾ سرجاڻي ٽائون، اورنگي ٽائون، ملير قائدآباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪتن جي چڪ جو شڪار ٿي رهيا آهن، وڪيل طارق منصور چيو ته 4 سال اڳ اينٽي ريبيز پروگرام قائم ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين غير فعال آهي، اربين روپين جي بجيٽ رکي وئي پر اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءُ ويڪسين موجود ناهي، ايڊووڪيٽ طارق منصورچيو ته اينٽي ريبيزم پروگرام لاءِ قائم ڪيل هيلپ لائن به غير فعال آهي، ماڻهو بدوائون ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.