اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل جي مخالف وڪيل کي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مسرت هلالي کي ”مائي ليڊي “ چوڻ مهانگو پئجي ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اختر مينگل جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اعتراض ڪندڙ طرفان ايڊووڪيٽ سلطان احمد عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته اوهان اميدوار خلاف حقيقتون اليڪشن ٽربيونل يا هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو نه رکيون؟ اعتراض ڪندڙ جي وڪيل جواب ڏنو ته ”مائي ليڊي “ اهي حقيقتون هاءِ ڪورٽ ۾ رکيون آهن. جسٽس مسرت هلالي کي وڪيل طرفان هر هر”مائي ليڊي شپ“ چوڻ تي معزز جج اعتراض ڪيو ۽ چيو ته توهان مون کي هائي ليڊي شپ نه سڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل کي چيو ته توهان گهر ۾ پنهنجي زال لاءِ اهو لفظ استعمال ڪيو، توهان کي يو آر ليڊي شپ سڏڻ گهرجي. ان تي وڪيل سلطان احمد معذرت ڪندي چيو ته مان معزز جج کان معافي گهران ٿو.