8فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو: سراج الحق

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آھي ته 8 فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو، چونڊون کٽي  لاھور ۾ چارچنڊ لڳائيندڙ جو دعويدار پي پي چيئرمين بلاول ڀُٽو ٻڌائي ته 15سالن کا لاڳيتو حڪومت ھجڻ باوجود سنڌ جو ھر ادارو تباھ ڇو آھي،وارا وٺي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ٻڌي ڇڏن ته ھاڻي عوام جو وارو آھي، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن پاڪستان ۾ غريبن لاءِ جيئرو رھڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي، اھڙن خيالان جو اظھار ھن ڪراچي دوري جي موقعي تي مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالھائيندي ڪيو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي مرکزي امير کي سنڌ ۾ چونڊ سرگرمين توڙي تنظيمي صورتحال جي ڄاڻ ڏني، سيڪريٽري ماليات محمد دين منصوري، سڌ سماءِ واري سيڪري مجاھد چنا ۽ اين ايل ايف اڳواڻ سيد نظام الدين شاھ به موجود ھو، سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي نه صرف  آءِ پي پيز جا ڳرا معاھدا ختم ڪري عوام کي ڪرپشن ۽ ڪميشن مافيا کا نجات ڏيارينداسين ان سان گڏ عوام ۽ ملڪ کي پرڏيهي ادارن وٽ گروي رکندڙ ٽولي جو احتساب به ڪنداسين، ٻنھي وڏين پارٽين جو منشور عوام کي ڌوکو ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.