ڪراچي: (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رهندي، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 8.3 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، ايڪسٽرنل اڪائونٽ جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2022 ۾ 17 ارب ڊالر هو، مهانگائيءَ جو دٻاءُ هاڻ به برقرار آهي. هن چيو ته مهانگائي تي توانائي اگهن جو اثر اهم آهي، هلندڙ مالي سال مهانگائي 23 کان 25 سيڪڙو رهندي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ بهتر ٿي آهي،هلندڙ مالي سال جي ڊي پي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهندي. سندس چوڻ هو ته صنعتي ۽ زرعي ترقي سبب جي ڊي پي بهتر رهندي، مارچ ۾ وياج جي شرح جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو، مارچ کانپوءِ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويندي، ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي وياج جي شرح جي سخت پاليسي سبب ٿيندي. جميل احمد چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، اسان جو مانيٽري پاليسي جو رجحان سخت رهندو.