سنڌ هاءِ ڪورٽ لوئر اسٽاف ملازمن جي ترقين کي رد ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن کي روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سنگل بينچ تعليم کاتي جي لوئر گريڊ جي ملازمن جون ترقيون رد ڪرڻ ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت تعليم کاتي جي لوئر گريڊ جي ملازمن جي ترقين کي رد ڪرڻ  واري جاري ڪيل نوٽيفڪشن  کي روڪي ڇڏيو ، عدالت هڪ مهيني ۾ چيف سيڪريٺري سنڌ ، تعليم کاتي واري سيڪريٽري ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ درخواست گذار محمد حفيظ ۽ محمد دانش سميت ٻين جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد موقف اختيار ڪندي چيو ته تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جون 22 سالن بعد ترقيون ٿيون آهن، وڪيل چيو ته ترقين جو مرحلو 2017 کان هلندڙ هو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته لوئر اسٽاف ڪلاس فور جي ملازمن ترقين لاءِ هڪ ڀيرو ڊائريڪٽر اسڪول سيڪنڊري ڪراچي ۽ ٻيو ڀيرو تعليم کاتي واري سيڪريٽري اسڪرونٽي ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ترقيون ٿيون. وڪيل چيو ته اسڪرونٽي ڪميٽي ۾ 397 اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي ترقيون ڏنيون ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.