مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) جسقم ضلعي مٽياري پاران مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم آفيس کان جي ايم سيد چوڪ تائين ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي ڪڍي وئي، جسقم ضلعي مٽياري پاران مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم آفيس کان جي ايم سيد چوڪ مٽياري کان ٿيندي پريس ڪلب مٽياري تي پهتي، جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري سنڌ اندر منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي جن ۾ لکن جي تعداد ۾ افغاني شهرين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، افغاني سنڌ ۾ هٿيار منشيات جهڙي ڪڌي ڪمن ۾ ملوث آهن جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي سماجي براين ڏانهن ڌڪي رهيا آهن جسقم جو گهڻي عرصي کان اهو موقف رهيو آهي ته سنڌ سنڌي ماڻهن جو تاريخي وطن آهي ۽ ان جي وسيلن تي سنڌي ماڻهن جو ئي حق آهي، پوري ملڪ مان ٻاهرين کي نيڪالي ڏني پئي وڃي پر سنڌ سرڪار پاران رڳو ڏيکاءُ جي ڪارروائي ڪري سندن نيڪالي جي ڳالھه هلائي پئي وڃي جنهن سان افغاني اڃان به وڌيڪ سنڌ ۾ مضبوط ٿيندا گذريل سنڌ حڪومتن توڙي موجوده نگران حڪومت کي فوري طور سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ روڪڻ گهرجي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ويٺل مها ڪرپٽ ٽولن ٻنهي هٿن سان سنڌ جي وسيلن کي لٽيو آهي، هاڻي اهو عمل بند ٿيڻ گهرجي اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته پوري صوبي مان افغانين کي فوري نيڪالي ڏني وڃي.