ڀائو زلف پيرزادو جو وڇوڙو: پونيئرن سان تعزيت، مختلف شهرن ۾ تعزيتي ميڙاڪا

موهن جو دڙو/ ڏوڪري (رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي) صحافت ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ ڀائو زلف پيرزادو جي وڇوڙي تي سندس پونيئرن سينيئر  صحافي سهيل پيرزادو، جميل پيرزادو، سليم پيرزادو، فھيم پيرزادو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري  آهي، مختلف شهرن ۾ ڀائو زلف پيرزادو جي ياد ۾ تعزيت ميڙاڪا ڪوٺايا ويا، گذريل ڏينهن سڄي سنڌ جي شهرن جھڙوڪ حيدرآباد، جام شورو، لاڙڪاڻو قمبر شهدادڪوٽ، ڏوڪري باڊھ نصير آباد جي سياسي سماجي ۽ صحافتي ڌرين جي سينئر صحافي لالا رحمان، خالد کوکر، اقبال ملاح، مرتضيٰ ڪلهوڙو، ظفر ابڙو، نثار کوکر ڪامريڊ قادر جتوئي، خالق مغيري، محمود شيخ، محمد يوسف، صدر جوڻيجو،  صحافي جبار کٻوڙو، حسن ڪلهوڙو،شبير مغيري، وحيد سولنگي، محمد علي خشڪ، سڪندر کوسو ، رياض منگي، توفيق منگي، ڪامريڊ عرس سيلرو، پ پ اڳواڻ ظاهر خان ٻگهيو، عرفان ٻگهيو، فراز پيرزادو هادي بخش چھواڻ عزيز پيرزادو طالب حسين چنو، گلاب پيرزادو، اسد پيرزادو، رمضان ساريو محب پير زادو، جسڪپ جو وائس چيئرمين ڪامريڊ دودو ديشي، عبدالوحيد ميئو، علي گل مغيري، جاويد جوڻيجو، جاويد احمد ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيتون ڪيون ۽ گهري ڏک جو  اظهار ڪيو، مرحوم لاءِ مغفرت جون دعائون گهريون دعا لاءِ تڏي تي آيل سياسي سماجي صحافين ۽ چاهيندڙن، سينيئر صحافي زلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي صحافت جي دنيا ۾ زلف پيرزادو هڪ منفرد ۽ سچو ماڻهو هو هن قلمي پورهيو ايمانداري، جرئتمندي سان ڪيو زندگي جو ڳچ عرصو صحافت ارپيندڙ زلف پيرزادي کي سندس دوست چائيندڙ ۽ ساٿي احترامن ڀائو زلف ڪري سڏيندا هئا، زلف پيرزادي جو وڇوڙو صحافتي دنيا خاص طور سنڌي صحافت ۾ هڪ وڏو خال ٿيو آهي، ترقي پسند ۽ جاکوڙي بهترين صحافي هيو اسان زلف پيرزادي جي وڇوڙي تي سندس ڀاءُ سنڌي ادبي بورڊ بڪ جي جنرل مئنيجر سليم پيرزادو، سهيل پيرزادو فهيم پيرزادو سميت مرحوم جي گهر ڀاتين، عزيزن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان دلي طور ڏک جو اظهار ڪيون ٿا اسان دعاڳو آهيون الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا ڪري.

ڪراچي اوڀر/ گمبٽ/ سڪرنڊ (شفقت نوناري/ن  ع آ/ لطيف جمالي ) ٻئي پاسي سينيئر صحافي زلف پيرزادي جي اوچتي لاڏاڻي تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن عوامي جمهوري پارٽي مرڪزي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو، حريف چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفي چانڊيو، ڊاڪٽر نواز گبول، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، ايس ٽي پي اڳواڻن خير محمد مگسي، مبارڪ ڀٽي، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن فرحان لاڙڪ،نورالدين جمالي، محمد خان شيخ ڪراچي اوڀر پريس ڪلب جي عهديدارن غوث ٻگهيو، شفقت نوناري، علي محمد ڀٽو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀائو زلف سنڌي صحافت ۾ مزاحمتي ٽرينڊ وڌو ۽ هر قومي اشو تي بهادري سان خبرون لکيون ۽ شايع ڪيون هن جي وڇوڙي صحافت ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي هن جو ڪم تاريخ ۾ سدائين روشن رهندو، گمبٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين وائيس آف گمبٽ جي ميزباني هيٺ سنڌ جي سينيئر صحافي قلمڪار ليکڪ عوامي آواز جي سينيئر سب ايڊيٽر ڀائو ذلف پيرزادو جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن بنگل خان چنا، ميھر علي کھڙو، جھانگير ميمڻ، شاھنواز اوٺي، صحافين قمر الدين شيخ، ناظم ڄامڙو، حفيظ قمر شيخ، صدام حسين ناريجو، زبير سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ميڙاڪي ۾ خيالن جو اظھار ڪندي اڳواڻن چيو ته ذلف پيرزادو صحافت جي ميدان ۾ قلم سان نينھن نباهيو، وڏي عرصي کان سچائي ۽ ايمانداري سان قلم جو پورهيو ڪري صحافت سان سلهاڙيل سموري سنڌ جي صحافين کي سچ لکڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪيو، سنڌ جي نالي واري صحافي ذلف پيرذادي  جي اوچتي وڇوڙي تي سڪرنڊ ميڊيا ۾ تعزيتي  ميڙاڪو  ٿي گذريو جنهن ۾ صحآفين عبدالطيف جمالي، قربان عمرآڻي، مھتاب  جمالي ، منظور ڪيريو، حافظ طفيل جمالي ۽  ٻين شرڪت ڪئي، هنن چيو ته  صحآفي  ذلف پيرذادي  ھميشه سچ لکيو ڪڏهن به نه جھڪيو مظلومن جو ڀرجھلو رھيو, سندس وڇوڙو صحافت جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال آهي.

زلف پيرزادو ترقي پسند عوامي صحافت جو وڏو نالو هو: سنڌ سنگت ابراهيم حيدري

ڪراچي( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري سينئر صحافي ڀائو زلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري جي سيڪريٽري لڄپت راءِ، سارنگ زين چانڊيو، فقير وارث ڪانڌڙو، وسيم گبول، منصور کوکر، محمد علي گبول ۽ ٻين چيو ته زلف پيرزادو ترقي پسند عوامي صحافت جو وڏو نالو هو. هن پنهنجي حياتي صحافت کي ارپي ڇڏي. هنن چيو ته زلف پيرزادو صحافت جو شفاف ڪردار رهيو. هن پنهنجي زندگي ايمانداري سان گذاري. سارنگ زين چيو ته ڀائو زلف نوجوان صحافين جي تربيت ڪئي. صحافت ۾ رهندي سنڌ  جي حقن تي سوديبازي نه ڪئي، هن ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائڻ تي مزاحمت ڪندي نوڪري وڃائي ڇڏي.

اسان کان اسان جو ڀائو ۽ سنڌ جو سرمايو وڇڙي ويو آهي: ثمر حيدر جتوئي

ڏوڪري: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته عوامي آواز سان زلف پيرزادي جي  سياست ۽ صحافت ۾ تمام وڏي ڪنٽريبيوشن هئي، هو هڪ ليکڪ به هو، ان ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيلون به ڪاٽيون ۽ هو سنڌ هاري ڪاميٽي سان گڏ به رهيو ۽ اهڙا ڪردار هميشه ياد رهندا آهن، اڄ اسان ڏاڍا ڏکارا آهيون ته اسان کان پيارو دوست، ڀاءُ ۽ سنڌ جو سرمايو وڇڙي ته ويو آهي پر اسانجي دلين ۾ اڄ به زنده آهي، اڄ آئون جتي بيٺو آهيان اهو ٻلهڙيجي آهي جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جو قلعو آهي، هن چيو ته زلف سنڌ جي ڏک سک کي ڏسي عوامي آواز ۽ صحافت سان جڙيل رهيو ، اسان سنڌ هاري ڪاميٽي ٻن ڏينهن جو سوڳ جو اعلان به ڪري ٿي ۽ اسان کي اهو ڪردار هميشه ياد رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.