نواز شريف رڳو قوم خاطر چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي خاطر نه رڳو  قوم خاطر چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو، ڇو ته قوم هن وقت مسئلن جو شڪار آهي. لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو، نواز شريف قوم جو خدمت گذار آهي، نواز شريف جڏهن ايندو آهي ته مهانگائي گهٽجي ويندي آهي، ملڪ ترقي ڪندو آهي، اٽو سستو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اسان جو ڪنهن سياسي جماعت سان مقابلو ناهي، اسان 9 مئي وارا نه 28 مئي وارا آهيون، ٻنهي تاريخن ۾ وڏي تاريخ موجود آهي، جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ اسان سان ٿيو، اهو ڪنهن سان نه ٿيو، جيڪڏهن اسان اڄ به چونڊون وڙهڻ چاهيون ٿا ته رڳو قوم خاطر، 8 فيبروري تي 9 مئي وارن کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو عوام مون سان واعدو ڪري ته 8 فيبروري تي ڪير گهر نه ويهندو ۽ نواز شريف کي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.