ڊگهڙي(ن ع آ) عوامي تحريڪ جو ڊگهڙي کان نئون ڪوٽ تائين سنڌ بچايو وسيلا بچايو مارچ،عوامي تحريڪ جو ڊگهڙي کان نئون ڪوٽ تائين سنڌ بچايو وسيلا بچايو مارچ ڪيو ويو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ صدر لال جروار چيو ته سنڌ جون زمينون ڪڏهن به وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين،پيپلزپارٽي بوگس آدم شماري ڪرائي سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ڪارونجهر سميت سمورن ثقافتي ماڳن کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت لکين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ملڪ جي عوام سان دوکو ڪيو آھي،لال جروار چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي برداشت نه ڪئي ويندي، نگران سرڪار به پيپلزپارٽي سرڪار جي وانگر سنڌ جا وسيلا کپائڻ ۾ مصروف آهي.