اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن موجب وزيراعظم جي چونڊ سڌي ريت ٿيندي. بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اسان جي منشور جو مقصد ڪرپشن جي داستانن کي گهٽائڻ آهي، ڪرپشن فري پاڪستان ڏانهن وينداسين.هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچي آئيني ترميمون ڪندي ته وزيراعظم جي چونڊ ڪجهه ايم اين ايز بدران سڌي ريت عوام ڪندي، يعني وزيراعظم عوام جي مرضي سان چونڊيو ويندوهن وڌيڪ چيو ته اسيمبلي جو مدو 5 سالن کان گهٽائي 4 سال ڪنداسين. سينيٽ جو مدو 5 سال هوندو، سينيٽ ۾ به سڌارا آندا ويندا، اڌ سينيٽر سڌي ريت چونڊيا ويندا.هن چيو ته اسان 168 صفحن جو منشور پيش ڪيو آهي جيڪو سڀني کان مختلف آهي. هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون نه هوندا آهن، قانون جي حڪمراني ۾ چيڪ اينڊ بيلنس هوندو آهي، سموري طاقت هڪ اداري وٽ نه هئڻ گهرجي،هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. پنهنجي منشور ۾ ننڍو خاندان خوشحال پاڪستان اسان جو نعرو هوندو، آبادي تي ضابطو آڻڻ تي ڪم، پاڪستان جي نوجوان نسل لاءِ مضبوط نوجوان خوشحال پاڪستان جو نعرو هوندو.اقتدار ۾ اچڻ بعد سچائي ۽ مصالحت ڪميشن جوڙي ويندي