اسان نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين: نوازشريف

سيالڪوٽ(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته ملڪ ترقي يافته هجي ها، ماڻهو ماني  لاءِ محتاج نه هجن ها، هن ڀيري حڪومت ۾ آياسين ته مهانگائي جو خاتمو آڻي عوام کي وڏو رليف ڏينداسين ۽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي پڻ بيهارينداسين،سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته 8 فئبروري تي عوام پنهنجو مينڊيٽ اسان کي ڏي، اسان سندن اميدن تي پورو لهنداسين،شهباز شريف  چيو ته 8 فئبروري جو سج اسان جي پارٽي جي سوڀ جو سج بڻجي اڀرندو، مخالف چون ٿا ته ن ليگ لاهور کان ٻاهر نڪري جلسا نه پئي ڪري،هن چيو ته اڄ اسان سيالڪوٽ ۾ وڏو جلسو ڪري مخالفن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.