لاڙڪاڻو/ميروخان(نمائندا) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي مخالف جماعتن جو اتحاد سنڌ دشمن اتحاد آهي جيڪو سنڌ جي ورهاست واري ايجنڊا تي ٺاهيو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي ميروخان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو صدر قمرالدين گوپانگ، ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. نثار کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۾ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري سنڌ جو ورهاڱو چاهي ٿي ۽ جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ ن ليگ سندن اتحادي جماعتون آهن . ان ڪري اِهو اتحاد سنڌ جي خلاف اتحاد آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندو اهي جماعتون 18 هين ترميم جو خاتمو آڻڻ چاهين ٿيون پر کين خبر هئڻ گهرجي ته 18 هين ترميم ايوان جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کان بغير رول بيڪ نه ٿي ٿي سگهي.