ڪراچي ۽ ٽانڪ ۾ پي ٽي آءِ ريلين تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، گرفتاريون

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف طرفان ڪلفٽن ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن تي پوليس ڪڙڪي پئي پي ٽي آءِ  ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد تين تلوار وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جتي پوليس 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پوليس تي پٿر ۽ لٺين سان حملو ڪيو ويو، ايس ايڇ او سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. ريلي ۾ شرڪت لاءِ آيل ڪارڪنن کي پوليس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس موبائل تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ايس ايڇ او بوٽ بيسن رياض نيازي سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب پي ٽي آءِ ريلي جي ڪا به اجازت نه ورتي هئي، پوليس جڏهن بنا اجازت جي نڪيل ريلي کي روڪيو ته حملو ڪيو ويو، ريلي جي ڪوريج ڪندي جيو نيوز جو ڪيمرا مين الطاف حسين به زخمي ٿي پيو. ڪلفٽن ٿاڻي جي حد ۾ تين تلوار تي پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ موجود ڪارڪنن جي مظاھري ۾ پوليس ۽ مظاھرين وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾  ھڪ عورت پوليس ڪانسٽيبل سميت پنج پوليس اھلڪار سيد عريقا زال عبدالرحيم، شيلنگ جي سبب دم ٻوساٽجڻ سبب بي ھوش ٿي وئي پوليس ڪانسٽيبل  راشد اعواڻ ولد غلام حسن، پوليس ڪانسٽيبل  دين محمد ولد محمد رحيم، پوليس ڪانسٽيبل  محمد فيضان ولد مشتاق، پوليس ڪانسٽيبل اعجاز شاھه ولد عالم نبي ۽ پوليس ڪانسٽيبل  غلام محمد زخمي ٿي پيا.ڊي آءِ جي سائوٿ ڪراچي زون اسد رضا موجب زخمي اهلڪارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب تين تلوار تي صحافين ۽ ڪئيمرامينن سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس ورتو  آهي ۽ اھڙي نموني جي واقعا برداشت نه ڪيا ويندا.  صحافين تي تشدد جي ذميوارن جو پيچهو ڪري انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ڪرائم رپورٽرز ايسوسيئيشن پاران سياسي پارٽي جي ريلي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڪرائم رپورٽرز محمد سلمان ۽ افضل پرويز سميت صحافين تي پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سي آر اي جي صدر ڪاشف هاشمي ۽ سيڪريٽري ريحان چشتي نگران وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي گهرو وزير کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ صحافين تي بدترين تشدد ڪيو ويو. ڇا توهان صحافين جي ڪم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ڇا جمهوري حڪومت صحافين سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿي ؟ اسان آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪوريج دوران صحافين تي تشدد ڪندڙ ڊي ايس پي کي فوري طور تي معطل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪرائم رپورٽرز ايسوسيئيشن  ڪراچي پوليس چيف جي سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي علائقي ٽانڪ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل خان مروت جي اڳواڻي ۾ لڪي مروت کان ڊيرا اسماعيل خان تائين نڪتل ريلي تي پوليس مبينا طور تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا.رپورٽن مطابق پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي اڳواڻي ۾ لڪي مروت کان ٽانڪ تائين نڪتل ريلي جڏهن ٽانڪ جي حد ۾ داخل ٿي ته گل امام جي جاءِ تي رڪاوٽون هنيون ويون ۽ پوليس مٿن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ اڇلايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.