ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پاران سينئر صحافي ۽ عوامي آواز جي مئنيجر ايڊيٽر زلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس پوئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.پهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته زلف پيرزادي سموري زندگي سچائي ۽ ايمانداري سان سنڌ جي صحافت سان ڳنڍيل رهيو سندس لکڻين ۾ هميشه سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن جي نشاندهي هوندي هئي.سندس وڃڻ سان عوامي آواز سٿ ۽ سنڌ هڪ جاکوڙي صحافي کان محروم ٿي وئي.مالڪ، سندس پوئيرن کي ڏک برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.