ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڊپٽي ايڊيٽر ڀائو ذلف پيرزادو جي لاڏاڻي ڄامشورو جي صحافين ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي ،صحافين راجا انور چانڊيو،عرفان برفت،ڪي ڪي بروهي، حاڪم چانڊيو،صدرجوڻيجو، شريف ابڙو، فنڪار دانش منظور شاعر اديب عمر تيوڻو،ساگر عالماڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي ربڏنو ابڙ و۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو، ميرپورماٿيلو ۾ يونين آف جنرلسٽ تعلقه ميرپورماٿيلو پاران سينئر صحافي ذلف پيرزادو جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو خادم عباسي چيو ته ذلف پيرزادو سموري زندگي سچائي،ايمانداري ۽ ديانتداري سان پنھنجا صحافتي فرائض نڀايا، ان موقعي تي ثاقب گڏاڻي،غازي خان وسير،پريم راٺوڙ۽ ٻين پڻ ذلف پيرزادو جي زندگيء تي روشني وڌي، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته ذلف پيرزادو سينيئر صحافي هجڻ سان گڏ هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هو ميرپوربٺورو ۾ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو جي اوچتي وڇوڙي تي صحافين امتياز علي سومرو ،قاسم رنگريز ،بابو خيرپوري سميت ٻين تعزيت جو اظهار ڪيو، هوڏانهن پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪلب جي صدر خان محمد خان جنرل سيڪريٽري ثناء الله ميمڻ سينئر صحافي مختيار ڦلپوٽو،سيد نعيم حسين شاھ ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ۽ پنجن منٽن تائين خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي بعد ۾ خان محمد خان ثناء الله ميمڻ،سينئر صحافي مختيار ڦلپوٽو، سينئر صحافين غلام قادر سومرو،سيد نعيم حسين شاھ ۽ ٻين چيو ته ڀائو ذلف پيرزادي جون سنڌ لاءِ لازوال خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن،هوڏانهن سيوھڻ پريس ڪلب جي تعزيتي گڏجاڻي صدر نظر پنھور صدارت ۾ گذري جنهن ۾ سينيئر صحافين خالد ميمڻ، ذوالفقار سولنگي، گلشير بلوچ، آصف ملاح، عارف علي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرحوم جي ايثال ثواب لاء فاتحا خواني پڻ ڪئي وئي، ٻئي پاسي سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور جي باني عبدالجبار "عاجز” منگي ۽ عهديدارن ۾ اظهر "آزاد” مغل، حسيب ناياب منگي، خالد ڀٽي، نياز مسرور بدوي، غلام فاروق سومرو، بيوس بهار سومرو، بيتاب ناپر، امتياز منگي، شڪيل جان پٺاڻ، انيس الرحمان منگي، منصور شيخ، علي حيدر ٿهيم، فهيم عباسي ۽ ٻين پوين توڙي دوستن سان تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.