کاٻي ڌر سان تعلق رکڻ سبب ڀائو زلف جيل به ڪاٽيا

ڪراچي: ڀائو زلف پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ مئٽرڪ اين جي وي اسڪول ۾ ڪئي. سياسي حوالي سان ھن جو تعلق کاٻي ڌر سان ھو.  زلف پيرزادي  جيل مان نڪرڻ کان پوء ڪي ايم سي جي صحت واري شعبي ۾ نوڪري ڪئي پر پھرين آڪٽوبر 1988ع تي لساني فساد دوران سندس گھر تي حملو ٿيو جنھن ۾ سندس ھڪ دوست شھيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو جنھن کانپوءِ ھن نوڪري ڇڏي صحافت ۾ پير پاتو . صحافت جي شروعات روزاني پڪار سکر کان سب ايڊيٽر طور ڪيائين بعد ۾ روزاني عوامي آواز ۾ سينيئر سب ايڊيٽر ٿيو جنھن بعد سال ڏيڍ سنڌ اخبار  حيدرآباد ۾ رھيو . ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ اشتھار شايع ٿيڻ تي ھن پنھنجي دوستن سميت خبرون اخبار مان استعيفا ڏني ھئي ، جنھن بعد ھو مرڻ گهڙي تائين روزاني عوامي آواز جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رھيو ، عمر جي آخري ڏينھن به ھن پنھنجي پوري ٽائيم تائين ڊيوٽي ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.