شڪارپور(رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) شڪارپور ضلعي اندر بروھي سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڪرن ٿاڻي جي حد شڪارپور ڳڙهي ياسين روڊ ٽول پلازا لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ڳوٺ شادي خان سندراڻي واسي 24 ورهين جو نوجوان علي حسن پٽ حضوربخش سندراڻي قتل ٿي ويو. مقتول کي ھڪ نياڻي جي اولاد هئي، مقتول جي ڀاءُ ارشاد سندراڻي ٻڌايو ته ڀاءُ ڳوٺ ڀرسان زمين تي پاڻي ڏيڻ ويو ھو ته بروھي برادري جي ماڻهن کيس قتل ڪيو، پوليس ھڪ ڪلاڪ ليٽ پھچي لاش کڻائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن اي ايس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان ۽ ڊي ايس پي خدا بخش پنھور جاءِ واردات جو معائنو ڪري واپس روانو ٿيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.