سنڌ جو ٻيو نالو ڪرپشن ۽ بدامني بڻجي ويو آھي:سراج الحق

ڪراچي/ ٽنڊوآدم(پ ر+ن ع آ)  امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي ناقص حڪمراني سبب سنڌ جو ٻيو نالو  ڪرپشن ۽ بدامني بڻجي ويو آھي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ سنڌ جو عوام 08 فيبروري تي “ ساهمي” جي نشان تي ٺپو هڻي، 15 سال پ پ اقتدار ۾ رهي، پر سنڌ صوبو ترقي بدران محرومين ۽ ڌاڙيل راڄ جو مرڪز بڻيل آهي، ٽنڊوآدم بلديه جو اڳوڻو چئيرمين عبدالستار غوري هن شهر جي سڃاڻپ هو جنهن شهر جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوانن جي تعليم تربيت لاءِ وڏا ادارا قائم ڪيا ان ڪري شهر جون رونقون ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ خدمت، امانت ۽ ديانت جي نشان “ ساهمي” تي نامزد اُميدوارن کي ڪامياب ڪريو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلديه چوڪ ٽنڊوآدم ۾ وڏي جلسه عام کي خطاب ڪندي ڪيو. عبدالغفور انصاري ڪامران عزيز غوري، مُشتاق احمد عادل به خطاب ڪيو جڏهن ته مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر مجيد، يوٿ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري فيصل غفور، صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ مقامي امير عبدالستار انصاري به اسٽيج تي موجود هئاهن چيو ته  اڄ 110 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود غزه ۾ اسرائيلي بمباري جاري آهي، ٽيهه هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا فلسطين جي ڌرتي سڙي رهي آهي، پر اسان جي بزدل قيادت خاموش تماشائي بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.