ايران جي سرحدي شهر سراوان ۾ 9 پاڪستاني پورهيت قتل

تهران: (م ڊ) ايران جي شهر سراوان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن 9 پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، پاڪستاني سرحد سان لڳندڙ ايراني صوبي سيستان،بلوچستان جي شهر  سراوان ۾ اڻچاتل هٿياربندن پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو. مقامي بلوچ رائٽس گروپ جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، متاثر ۽ مارجي ويل پورهيت پاڪستاني هئا جيڪي مقامي ورڪشاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اتي رهندڙ هئا. خابرو اداري موجب، هنيئر تائين ڪنهن تنظيم طرفان واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي.فوت ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ عثمان ۽ اشفاق طور ٿي آهي، شهري علي پور جي مختلف علائقن مان ويل هئا .ٻئي پاسي ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو به واقعي ۾ نوَ پاڪستانين پورهيتن جي قتل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سراوان ۾ نوَ پاڪستانين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پاڪستاني سفارت خانو سوڳوار ڪٽنب جي مڪمل پرگهور لهندو، زاهدان ۾ پاڪستاني قونصل جنرل واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال جو دورو ڪري چڪو آهي. پاڪستان ايران ۾ نوَ پاڪستاني پورهيتن جي قتل کي دهشتگردي ۽ نفرت جوڳو واقعو قرار ڏيندي فوري جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي علائقي سراوان ۾ پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان هڪ ڀوائتو ۽ نفرت جوڳو واقعو قرار ڏنو آهي. ترجمان چيو ته هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن، پاڪستان واقعي جي فوري جاچ ۽ ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.