ڄام صاحب (ن ع آ) تعليم واري اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سانگهڙ ۾ ووٽرز کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندئو ته توهان جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين، اين اي 209 تي چونڊ مهم دوران ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي فضل الله پيچوهو چيو ته توهان کي اميدوارن جون شڪليون نه ٿيون وڻن ته ڀلي نه وڻن، توهان کي ووٽ شهيدن جي وارثن جي امانت سمجهي ڏيڻو آهي، هن چيو ته منجهند 12 وڳي تائين ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا ته اسان ڄام مائينر جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين، فضل الله پيچوهو جي ووٽرز کي ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي اميدوارن ۽ فضل الله پيچوهو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
خيرپور ۾ پ پ اميدوار بچل شاهه جي رستا روڪ، سخت پڇاڻو
خيرپور (عوامي آواز نيوز) خيرپور جي پي ايس 31 تي پ پ اميدوار بچل شاهه کان سخت پڇاڻو، بچل شاهه جيلاني ۽ پ پ اميدوار جاويد شاهه جيلاني جي پٽ فهد شاهه کي ڳوٺاڻن روڪي ورتو، ڳوٺاڻن پاران جاويد علي شاهه جيلاني جي پٽ فهد علي شاهه ۽ سيد بچل شاهه جيلاني جي رستا روڪ ڪئي وئي، ڳوٺاڻن پ پ اڳواڻن کان پڇاڻو ڪيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته توهان ووٽ وٺڻ کانپوءَ ظاهر نه ٿيا، برساتن دوران گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا، پر توهان ڪا به واهر نه ڪئي، سيد بچل شاهه جيلاني ۽ فهد علي شاهه جيلاني ڳوٺاڻن کي ايلاز ۽ کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
پ پ وارا ماڻهن کي غلام سمجهن ٿا: سائره بانو
ڪراچي(م ڊ)سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ اين اي 210 تي جي ڊي اي اميدوار سائره بانو چيو آهي ته ڇا ملڪ فضل الله پيچوهي جي ذاتي آهي، هن جو پيءُ کيس ڏئي ويو هو، چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته فضل الله پيچوهو پريتم آباد ۾ بيهي چئي رهيو آهي ته جيڪو 12 وڳي تائين نه نڪتو ان جو مان پاڻي بند ڪري ڇڏيندس،هاڻي توهان کي سوچڻو آهي ته اسان کي انهن(پ پ وارن) جو غلام بڻجي رهڻو آهي، ان کان ڳ ٽنڊي آدم ۾ سائره بانو جو شاندار استقبال ڪيو ويو، سندس گاڏي تي گل نڇاور ڪيا ويا،