راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪنهن به صورت ۾ مدد نه ڪنداسين. عدالتي ڪمري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان چيو ته هي اوپن ٽرائل ناهي، ميڊيا جي دوستن کي پوئتي لڳايو ويو آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪري مان چوان ٿو ته انهن جو سمورو ڪنٽرول آهي. توهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻ گهرجي جنهن کي طاقت آهي. مان پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو آهيان ته صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن. ماڻهو جنهن کي چاهي کڻي اچن. انجنيئرنگ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، اسان جي ماڻهن کي اڃا تائين پڪڙيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ ميدان ۾ ناهي ته پوءِ سروي ڪيئن ٿي رهي آهي؟ سموريون پارٽيون گڏجي به پي ٽي آءِ کي ڪنٽرول نه پيون ڪري سگهن.