نگران سرڪار پ پ جي سرپرستي ۾ سنڌ وڪڻي رهي آهي:عوامي تحريڪ 

مٺي(بيورو رپورٽ)عوامي تحريڪ طرفان اڄ مٺي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ۾ ريلي جو اعلان، ڪمپني سرڪار ڀڄايو، ڪارونجهر بچايو،  عوامي تحريڪ جي اميدوار کي کٽرايو سنڌ بچايو. عوامي تحريڪ طرفان اڄ 26 جنوري تي مٺي جي پي ايس تڪ 55 ۾ ريلي ڪڍي ويندي، ريلي نئون ڪوٽ کان ڪڍي ويندي جيڪا سنتورو فارم، گورڙا ٻه، کورڙو، ڏيپلو، مالهيار بجير کان ٿيندي مٺي جي ڪشمير چوڪ تي پهچندي جتي جلسو ڪيو ويندو، ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪارونجهر جي ڪٽائي جي اعلانن خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، ڪارونجهر سميت سمورن ثقافتي ماڳن جو تحفظ عوامي تحريڪ جي اليڪشن منشور جو اهم حصو آهي. ريلي کي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، مٺي جي پي ايس 55 تڪ تي عوامي تحريڪ جو نامزد اميدوار اوڀايو جوڻيجو، عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ديال صحرائي، ايڊووڪيٽ ديوت، ايم بي چارو ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، عوامي تحريڪ ضلعي مٺي جي پريس ترجمان ڪرشن ميگهواڙ پنهنجي بيان ۾ پڌرو ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏئي اليڪشن وڙهي ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳٺ جوڙ ڪري اقتدار حاصل ڪري پوءِ سنڌ وڪڻندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.