ڪراچي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي وڏي ڪارروائي، لکين رپيا ڏنڊ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اسپيشل ٽاسڪ فورس ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي سربراهي ۾  سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو،ان موقعي تي ڊائريڪٽر آپريشنز رفيق ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.،آپريشن محمود آباد منظور آباد واري علائقي ۾ ڪيو ويو، ڌ فوڊ اٿارٽي پاران جاري ڪيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن تي ڪيترن ئي کائڻ پيئڻ جي مرڪزن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. اسپيشل ٽاسڪ فورس الشاليمار بيڪري تي 5 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. بيڪري جو پروڊڪشن يونٽ به عارضي طور تي بند ڪيو ويو، جڏهن ته الشاليمار ڊيري تي هڪ لک روپيو، قلندري پڪوان تي 50 هزار روپيا ۽ شاندار برگر تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

  • شيخ رشيد کي مائٽن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ويجهن مائٽن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، 9  مئي سانحي بابت داخل 12 ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ٻڌڻي ڪئي، عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي 26 جنوري تي جواب سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود جوابدار جي مائٽن سان ملاقات ڇو نٿا ڪرايو؟ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.