ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو (رپورٽ:نصرالله گڏاڻي+عبدالحي ڇڄڻ) گھوٽڪي جي ڪچي مان ڌاڙيلن ڊيوٽي تان واپس ايندڙ چار پوليس اھلڪارن کي اغوا ڪري ورتو، گھوٽڪي پوليس ھيڏي وڏي واقعي کي لڪائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ گھوٽڪي جي ڪچي رانئوتي پوليس ٿاڻي جي حد بيا فور پڪٽ تي نوڪري ڪندڙ چار پوليس اھلڪار اغوا ٿي ويا آھن جن ۾ ڳوٺ ٻيلو نائچ جو رھواسي پوليس اھلڪار ذاولفقار نائچ ۽ داد لغاري شھر جو رھواسي اھلڪار باقر لوھار سميت ٻيا شامل آھن جن جا نالا نھ ملي سگهيا، پوليس اھلڪارن کي ڌاڙيلن بيا فور پڪٽ تان واپس ايندي ڪچي مان ئي ھٿيارن سميت اغوا ڪري ورتو، جڏھن تھ پوليس معاملي کي لڪائيندي رھي ۽ ميڊيا آڏو اھلڪارن جي اغوا جي ترديد ڪندي رھي، مليل ڄاڻ موجب تھ ڄاڻايل پوليس اھلڪارن کي شر برادري جي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو آھي ۽ پوليس اھلڪارن جي آزادي لاءِ پوليس پاران گرفتار ڪيل سندن ساٿين کي آزاد ڪرڻ جو شرط رکندي ٻي صورت ۾ پوليس اھلڪارن کي مارڻ جي ڌاڙيلن ڌمڪي ڏيئي ڇڏي، ھوڏانھن مغوي اھلڪارن جي آزادي لاءِ گھوٽڪي پوليس جي آفيسرن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، جڏھن تھ گھوٽڪي پوليس جي آفيسرن ڌاڙيلن جي شرط کي قبول ڪرڻ جا اطلاع آھن. راڄوڻي ذريعي رابطو ٿيڻ بعد پوليس آفيسرن پاران ڪيل گذارش تي ڌاڙيلن مغوي اھلڪارن کي وارثن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪرائي کين تسلي ۽ ميسيج ڏياريو آھي تھ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي ڊيل ٿي وئي آھي. کين صبح جو آزاد ڪيو ويندو. ٻي طرف پوليس آفيسرن پاران مغوي پوليس اھلڪارن جي وارثن سان ڪنھن بھ قسم جو ڪو رابطو ناھي ڪيو ويو ۽ نھ ئي کين اغوا بابت ڪجھه ٻڌايو ويو آھي جنھن سبب مغوي اھلڪارن جا وارث سخت پريشان ھئا ۽ روزاني عوامي آواز جي عيوضي سان رابطو ڪري مدد ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ لڳا.