لاهور ۾ ن ليگ ريلي، نواز شريف کي ڪامياب ڪيو، خدمت نه ڪيون ته نالو مٽائي ڇڏجو

لاهور(م ڊ) لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پنهنجي تڪ اين اي 130 ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران سندس ڌيءَ مريم نواز به ساڻس گڏ هئي. نواز شريف ۽ مريم نواز جي ريلي ٽيڪسالي چوڪ کان شروع ٿي. پي پي 174 جي اميدوار بلال ياسين ۽ ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو. نواز شريف ۽ مريم نواز گاڏين مان نڪري موهنيءَ روڊ ۽ ٻين هنڌن ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو. ريلي جڏهن بيڪري چوڪ، آرين بلڊنگ ۽ رحمان روڊ  کان ٿيندي ڪريم پارڪ پهتي ته ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود هو، جن پنهنجي گاڏين سان ڀرپور انداز ۾ مارچ ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وٺڻ کانسواءِ جواب ڏنو. بهاولپور جي علائقي احمد پور شرقيه ۾ ن ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪالهه هڪ مهربان ماڻهو چيو ته ڪوٽ ادو ۾ اسان ڪا اسپتال ناهي ٺاهي. هن چيو ته مان هتي جي ماڻهن کان پڇان ٿو ته ڪوٽ ادو ۾ رجب طيب اردگان اسپتال ڪنهن ٺاهي؟ ن ليگ صدر وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي موقعو ڏنو ته ڏکڻ پنجاب جي هر تعلقي  ۾ دانش اسڪول ٺاهيندو. هن چيو ته نواز شريف هن ڀيري ٻه ڀيرا چونڊون کٽي عوام جي خدمت ڪندو، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي ته احمد پور شرقيه کي ضلعو بڻائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.