آمريڪا ۾ کونگھرن جي آواز تي هڪ شخص پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ زوردار کونگھرا ڪرڻ تي تڪرار هڪ شخص جي قتل جو سبب بڻجي  ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو افسوسناڪ واقعو پنسلوانيا جي اپرمورلينڊ ٽائون شپ ۾ پيش آيو، جتي هڪ شهري زوردار کونگھرن تي زباني تڪرارتان پنهنجي پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب 62 سالن جي رابرٽ والس جو پنهنجي پاڙيسري 55 سالن جي ڪرسٽوفر سان ڪافي وقت کان کونگھرن تي جهيڙو هلندڙ هو، جنهن کان تنگ اچي هن ڪيترائي ڀيرا پوليس کي فون ڪيو، پوليس موجب قاتل ڪرسٽوفر ٻڌايو ته واقعي جي ڏينهن هو پنهنجي گھر ۾ کاڌو کائي رهيو ته رابرٽ وسلن دريءَ مان سندس گھر ۾ داخل ٿيو، رابرٽ ۽ هن وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا جنهن دوران رابرٽ کيس ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو به نه هو، هو جيهڙو ختم ڪرڻ چاهي پيو جنهن لاءِ هن مون کي کونگھرا گھٽائڻ لاءِ نڪ جي سرجري لاءِ رقم ادا ڪرڻ جي آڇ به ڪئي هئي ان ڪري آئون رابرٽ کي چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ڪرسٽوفر گذريل هفتي جهيڙي کانپوءِ پوليس کي فون ڪيو، جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته رابرٽ ۽ ڪرسٽوفر کي چاقو سان زخمي حالت ۾ ڏٺو، رابرٽ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

  • سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ 6 اسسٽنٽ اٽارني جنرل مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ 6 اسسٽنٽ اٽارني جنرل مقررڪيا ويا جنهن جو نوٽيفڪشن  جاري ڪيو ويو، سينيئر وڪيل ضياءُالحق مخدوم ايڊيشنل اٽارني جنرل مقرر ٿي ويو، شاهه حسين، ڪاشف نذير اسسٽنٽ اٽارني جنرل مقرر ٿي ويا، جڏهن ته چئن عورت وڪيلن کي به اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو ويوجنهن ۾ عليزي بشير، زهرا سحر، رابعه خالد ۽ سارا ملڪاني اسٽنٽ اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو.

  • قيدين  جو وڊيو لنڪ جي ذريعي بيان رڪارڊ ڪرڻ جو نظام متعارف

ڪراچي(رپورٽر) انڊر ٽرائل قيدي جي وڊيو لنڪ جي ذريعي بيان رڪارڊ جو نظام متعارف ڪرايو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو سائل ۽ وڪيلن  جي سهولت لاءِ بهترين قدم سامهون اچي ويو، جنهن ۾ جاچ هيٺ قيدين کي وڊيو لنڪ جي ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي سهلت ملندي، وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ لاءِ چيف جسٽس جي حڪمن تي عمل شروع ٿي ويو آهي. وڊيو لنڪ بيان رڪارڊ سان سوالين ۽ وڪيلن جو وقت بچندو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا خراب به بچندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.